اَنت محبوبي

اَنت محبوبي (ڪتاب ):سنڌ جي مختلف شاعرن جي ”نعتيه ڪلام“ تي مشتمل هيءُ ڪتاب نامور اديب ۽ سياستدان مخدوم جميل الزمان جو ترتيب ڏنل آهي. هن ڪتاب جو نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي هڪ بيت تان کنيو ويو آهي. هن ڪتاب جي نعتيه ڀاڱي جي شروع ۾ مرتب پنهنجي هڪ نعتيه مثنوي ڏني آهي. هن ڪتاب ۾ 45 شاعرن جي نعتيه شاعري شامل آهي، جن ۾: مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، احسن الهاشمي، فيض بخشاپوري، مخدوم امين فهيم، محبوب سروري، احمد خان آصف، ساجد سرشاري، محمد حسين ساز، ڊاڪٽر اياز قادري، مظفر حسين جوش،محمد علي جوهر، محمد علي مجروح،منصور ويراڳي، انور هالائي، استاد بخاري، خان مدهوش'>احمد خان مدهوش، سوز هالائي، نشتر ناٿن شاهي، نفيس احمد ناشاد، خادم سروري، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر نواز علي شوق، منور هالائي، غلام رسول راز، شوڪت علي ابڙو، ارشد هالائي، نغمه سحر قاضي، نسرين نوري، گل حسن بيڪس، رشيد هالائي ۽ ٻيا شامل آهن. ڪچي جلد سان 98 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 40 روپيا آهي. هيءُ ڪتاب 1990ع ۾ ڏات ڪتابي سلسلي حيدرآباد سنڌ پاران ڇپرايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو